تحية المسجد

تحية المسجد: مسجد ۾ داخل ٿيڻ بعد ٻه رڪعتون نفل نماز ادا ڪرڻ کي ’تحية المسجد‘ چئبو آهي. حضرت ابوهريرهرضه کان روايت آهي، ته رسول اڪرم صلي الله عليه وسلم جن فرمايو آهي ته: ”جيڪو شخص مسجد ۾ داخل ٿئي ته ان کي ويهڻ کان اڳ ٻه رڪعتون نفل پڙهڻ گهرجن. جيڪڏهن ڪو شخص اهڙي وقت ۾ مسجد ۾ داخل ٿئي، جنهن وقت نماز مڪروه هجي ته کيس ’تحية المسجد‘ ادا نه ڪري، بلڪه هو تسبيح و تقديس ۾ لڳي وڃي.“ هن نماز جو مطلب آهي ته ماڻهن ۾ عبادت جو ذوق و شوق پيدا ٿئي ۽ اهي صدق ۽ اخلاص سان گڏ نماز طرف مائل ٿين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو